ٽي قيدي فلم

ٽي قيدي (فلم): شاهين فلم پاران جاري ٿيل هيءَ سنڌي فلم 1989ع ۾ عيدالفطر جي موقعي تي رليز ٿي. هن فلم جو هدايتڪار بابر سلطان، پروڊيوسر اي . ايڇ صديقي ۽ موسيقار فيروز گل هئا. هن فلم ۾ بابر سلطان، ثمينه مير، محمود پريمي، ريٽا، رشيد ناز، ريحانه ممتاز، عبدالله جان ۽ محمود لاسيءَ اداڪاري ڪئي. هيءَ فلم رائل سئنيما لاڙڪاڻي، ريڪس سئنيما ٽنڊي محمد خان، دلشاد سئنيما ڪنڌڪوٽ، امداد سئنيما نيو سعيد آباد، فردوس سئنيما ميرپورخاص، دلشاد سئنيما نوابشاهه، راڪسي سئنيما ڪراچي ۾ پردي تي ڏيکاري وئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو